بي تاج بادشاهه

بي تاج بادشاهه

باتاج بادشاهه

باتاج بادشاهه (ڪتاب ):هي ڪتاب سيد شاهه مردان شاهه ثاني ستين پير سائين پاڳاري رحمة الله عليه جي زندگيءَ تي لکيل ڪالمن تي مشتمل آهي، ڪتاب ۾ شامل سمورا ڪالم عالمن اديبن ۽ ساڃاهه وندن سيد شاهه مردان شاهه ثانيرح جي وصال کانپوءِ لکيا ۽ حافظ عبدالقيوم مهر سڪندري، حافظ محمد مريد مڱريي جي مدد سان نهايت سهڻي انداز سان سهيڙي ڪتاب جي صورت ۾ آندا. هي ڪتاب ’پنهنجي پاران‘ سميت ٻارهن عنوانن تي مشتمل آهي. هر عنوان جي سري هيٺ سيد شاهه مرادن شاهه ثانيرح جي خانداني، شخصي، روحاني ۽ سياسي پسِ منظر سان گڏ سندس زندگيءَ جي ٻين مختلف پهلوئن ۽ ذاتي خيالن تي روشني وڌي ويئي آهي. پڪي جلد سان، چار رنگي ٽائٽل ۽ 128 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب فيبروري 2012ع تي مدرسه صبغة القرآن شاهه مردان شاهه سنجهورو، ضلعي سانگهڙ طرفان شايع ٿيو. ڊيمي سائيز ۽ اُچي ڪاغذ تي شايع ٿيل هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو